خسروي مرزا علي نواز بيگ

خسروي، مرزا علي نواز بيگ: علي نواز بيگ ولد مرزا محمد رحيم بيگ خسروي، 12 سيپٽمبر 1876ع تي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم آخوند علي محمد جي مدرسي مان حاصل ڪري 1895ع ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1902ع ۾ ڪمشنر سنڌ جي آفيس ۾ پهرين ڪلارڪ مقرر ٿيو، جلد منشي ٿيڻ بعد 1904ع ۾ ميرپور ساڪري ۾ مختيارڪار مقرر ٿيو. 1931ع تائين مختلف هنڌن تي ڊپٽي ڪليڪٽر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنائين. عربي ۽ فارسيءَ
جي تعليم قاضي احمد مان ورتائين. هيءُ سڀاءَ جو ماٺيڻو ۽ درويش صفت انسان هو. ڪتاب تصنيف ڪرڻ ۽ مطالعو ڪرڻ سندس خاص مشغلو هو، جيڪو آخري گهڙيءَ تائين جاري رکيائين. سندس مشهور تصنيفون ۽ ڪتاب: ’خاتون جنت‘، ’تاريخ اسلام‘، ’آفتاب و رسالت‘، ’سرتاج امامت‘، ’صراط مستقيم‘ قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ ڪيترن فارسي ڪتابن جا ترجما به ڪيائين. مرزا علي نواز بيگ خسروي 1970ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1876.09.12  عيسوي

علي نواز بيگ ولد مرزا محمد رحيم بيگ خسروي، 12 سيپٽمبر 1876ع تي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوان ليلارام وطڻ مل خاڪي
اسراني
رمضان ساريو
ڀاڳت عالي فقير
سرائي غلام سرور خان ڇڄڙو
ارون ڌتي راءِ
رڻمل جاڙيجو
جميل الدين عالي
سيٺ طيب علي علوي
عبدالغفور ميمڻ پروفيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون